سومرو نذير احمد پروفيسر

سومرو نذير احمد پروفيسر

نذير احمد سومرو پروفيسر

نذير احمد سومرو، پروفيسر: مشهور نقاد ۽ اُستاد، پروفيسر نذير احمد سومرو، 21 نومبر 1948ع تي، پير جي ڳوٺ، نئين ديري ۾ ڄائو. هن جو والد عبدالحميد سومرو ۽ چاچو در محمد سومرو عليڳڙهه جا تعليم يافته هئا ۽ سڄي عمر تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل رهيا. اُن ڪري نذير احمد سومري جي تربيت پڙهيل ڳڙهيل ماحول ۾ٿي، پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين نئين ديري ۾ پڙهيو. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد 1966ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان بي. اي ڪيائين، جتان ئي 1970ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم. اي ڪيائين. نذير احمد سومري پنهنجي ڪيريئر جي ابتدا 1969ع کان سيڪنڊري استاد طور وارهه هاءِ اسڪول کان ڪئي. بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1975ع ۾، ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ ليڪچرر ٿيو. هن جي ادبي تربيت ۾ نئين ديري ۾ ذوالفقار راشديءَ ۽ دادوءَ ۾ استاد بخاريءَ جي صحبت ۽ ويجهڙائپ جو وڏو هٿ رهيو. نئين ديري ۾ امام راشديءَ ۽ منٺار سولنگيءَ سان به سندس صحبت رهي. اهڙيءَ ريت دادوءَ ۾ ملازمت دوران سندس سيد حاڪم علي شاهه بخاري، محسن ڪڪڙائي، نواز رڪڻائي ۽ خان مدهوش'>احمد خان مدهوش سان ويجهڙائي رهي. ائين ادب سان سندس لڳاءُ وڌندو رهيو ۽ وسيع مطالعي جو صاحب رهيو. اردو اديبن مان سندس مسلم شميم، سيد مظهر جميل ۽ ظاهر نوريءَ سان واسطا رهيا. نئين ديري ڪاليج ۾ ملازمت دوران ڪاليج جي مسلنيءَ جي اردو ڀاڱي جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هن نهايت دير سان عمر جي آخري حصي ۾، 2000ع ڌاري قلم کنيو ۽ تنقيد ۽ تجزئي نگاريءَ ۾ نالو ڪڍيائين. سندس تنقيدي ۽ ادبي ڪم کي ڪافي ساراهيو ويو، جنهن منجهس وڌيڪ حوصلو پيدا ڪيو. سندس تجزيا ۽ تنقيدون مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهيا، خاص ڪري ’پهاڪن جي پاڙ‘ (عبدالڪريم سنديلو)، ’خيمي ۾ شام‘ (نصير مرزا)، ’در در ٺوڪر کائي‘ (ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي آتم ڪٿا)، ’مارو جي ملير جا‘ (خادم حسين چانڊيو)، ’ياد گهر‘ (ڪوثر ٻرڙو) ڪتابن تي سندس تنقيدون ڪافي پسند ڪيون ويون. هن نجم عباسي، نياز همايوني، استاد بخاريءَ ۽ ٻين جديد اديبن ۽ شاعرن جي ادبي ڪم ۽ شاعريءَ جا بهترين تجزيا پڻ لکيا. پروفيسر نذير احمد سومري، 8 ڊسمبر 2005ع تي وفات ڪئي. سندس وفات کانپوءِ، انجنيئر عبدالوهاب سهتي، پروفيسر نذير احمد سومري جون تنقيدون ۽ تجزيا، مختلف رسالن مان هٿ ڪري سندس ڪتاب ’تنقيد ۽ تجزيا‘ عنوان سان، ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻي پاران 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.11.21  عيسوي

مشهور نقاد ۽ اُستاد، پروفيسر نذير احمد سومرو، 21 نومبر 1948ع تي، پير جي ڳوٺ، نئين ديري ۾ ڄائو.


2005.12.08  عيسوي

پروفيسر نذير احمد سومري، 8 ڊسمبر 2005ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارنيسٽ مئڪي ڊاڪٽر
عبدالصمد خان اچڪزئي
ابوالڪلام آزاد
مير ٺارو خان ٽالپر
ظفر علي لغاري
قاسم رضا پيرزاده
سنت بابا گوبندرام
بهروز سبزواري
ميرابوالقاسم سلطان ٺٽوي
حڪيم محمد واصل درس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون